اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ??اهه م??مود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ واپار سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهيون، اها ڳالهه هن عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، عمان ۾ پاڪستان جو سفير ايمبيسڊر ڪي ڪي احسن وگن سميت پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسرن به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. پرڏيهي وزير مخدوم ??اهه م??مود قريشي سلطنت عمان جي سلطان هيثم بن طارق السعيد جي قيادت کي ساراهيو، پرڏيهي وزير انجنيئر ريڌا جمعه م??مد علي الصالح کي ب??ور چيئرمين او سي سي آءِ عمان مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ گڏيل ثقافتي ۽ تهذيبي قدرن جي بنياد تي هموار گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، عرب ملڪن ۾ عمان نه رڳو جاگرافيائي ??ور تي پر ثقافت ۽ زبان جي لحاظ کان به پاڪستان جي ويجهو آهي، مخدوم ??اهه م??مود قريشي چيو ته پاڪستاني قيادت جو ويزن معاشي تحفظ جي چوڌري آهي، پاڪستان، جيو اڪنامڪ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، مخدوم ??اهه م??مود قريشي چيو ته پرڏيهي وزارت اقتصادي سيڙپڪاري جي ذريعي معاشي استحڪام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، 220 ملين جي آبادي تي ٻڌل معيشت هجڻ جي ناطي پاڪستان ٻاهرين سيڙپڪاري لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۽ منافعو ڪمائڻ جا پرڪشش موقعا فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪ عمان انويسٽمينٽ ڪمپني 2001ع ۾ سلطان قابوس جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا اڄ به پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جي بنيادي ٿنڀ جي ??ور تي ڪم ڪندي آهي. پرڏيهي وزير پاڪ عمان جوائنٽ بزنس ڪائونسل کي فعال بڻائڻ جي ضرروت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن جي سي سي جي جنرل سيڪريٽري نائف بن فلاح الحجراف سان گڏ اسان جي ملاقات تمام گهڻي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ لاءِ هڪ گڏيل ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ٻنهي چيمبرز جي وچ ۾ ڪاروباري شخصيتن جي اجلاسن جي انعقاد ۽ عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي پاڪستان ۾ واپاري نمائشن ۾ شرڪت جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان قومي ۽ علائقائي ترقي لاءِ شين جي سنگم تي پنهنجي جاگرافيائي اقتصادي بيهڪ مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو، اسان پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهيون. شاهه م??مود قريشي چيو ته پاڪستان سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ آن لائين ويزا سميت ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي ماپي ۾ اضافي لاءِ عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan signs international road assessment agreement
-
Cyberattack warning issued amidst rising India tensions: stay vigilant
-
IHC overturns verdict on bulletproof vehicle for ex-CJP
-
Office timings during Ramazan announced
-
Pakistan’s entry at SCO significant in changing geopolitical scenario
-
Groundbreaking of third SKMCH on 29th
-
Our laws do not offer any protection to children like Tayyaba: CJP
-
جنوبی آسٹریلیا آن لائن تفریح آفیشل ویب سائٹ
-
Wild Hell Entertainment آفیشل ویب سائٹ
-
پی جی سافٹ ویئر آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
آن لائن ڈیٹا بیس سے آفیشل گیمز ڈاؤن لوڈ کرنے کا طریقہ
-
MW Electronics Official Entertainment ایپ کی دنیا میں ایک نیا انقلاب