سکر – 25 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪاروباري طبقي ۽ چيمبر جي ڪردار کي انتهائي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو آهي ته مشڪل حالتن ج?? باوجود پاڪستان معيشت جي مختلف شعبن ۾ بهتري ڏيکاري، ان حوالي سان حڪومت جي پاليسين ج?? عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي، اسان کي دنيا سان گڏ ترقي جي عمل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن طرف وڃڻو پوندو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن سکر چيمبر آف ڪامرس جي وف?? سان ملاقات ۾ خيالن ج?? اظهار ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اجلاس ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، حليم عادل شيخ، خرم شير زمان، سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ واپاري ا??واڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سکر چيمبر آف ڪامرس جي صدر عامر علي خان غوري بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صدر ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪاروباري ماڻهن ۽ چيمبرز جي ڪردار کي انتهائي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو ته مشڪل حالتن ج?? باوجود پاڪستان معيشت جي مختلف شعبن ۾ بهتري ڏيکاري آهي، ان حوالي سان سڄي دنيا ۾ حڪومت جي پاليسين ج?? اعتراف ڪيو ويو آهي. صدر چيو ته پاڪستان زراعت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، پوري دنيا ۾ مهانگائي تيزي سان وڌي آهي ۽ ان جا اثر هر جڳهه تي ظاهر ٿيا آهن. هن چيو ته چيمبر آف ڪامرس، ڪاروباري ماڻهو ۽ سيڙپڪارن ج?? ملڪي معيشت ۾ ڪردار گهڻو اهم آهي. حڪومت واپاري برادري کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر نوجوانن کي چيمبرز ۽ مختلف يونيورسٽين ج?? مدد سان ووڪيشنل ٽريننگ فراهم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت پاران ڪامياب جوان پروگرام ۽ قرضن ج?? فراهمي سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. صدر وف?? کي سکر ايئرپورٽ کان انٽرنيشنل فلائيٽس، ڊرائي پورٽ ۽ انڊسٽريل زون ج?? حوالي سان سفارشون ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سکر ريجن ج?? ترقي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين، حيدر آباد سکر موٽر وي سان عوام کي سفري سهولت ملندي ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، صدر چيو ته اسان کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ وڌيڪ ترقي ڪرڻي پوندي، سڄي دنيا ۾ آءِ ٽي?? ڊجيٽل اسڪلز پروگرام سان لکين نوجوان روزگار ڪمائي رهيا آهن، اسان کي دنيا سان گڏ ترقي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن طرف وڃڻو پوندو. اجلاس ۾ ڪاروباري ماڻهن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن ج?? حل لاءِ تجويزن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي.
متعلقہ مضامین
-
Two newly-elected senators take oath
-
LHC expresses concern over shortage of underground water
-
Veteran Pakistani comedian Javed ‘Kodu’ passes away
-
اوپیرا ڈائنیسٹی آفیشل اینٹرٹینمینٹ ایپ
-
Aitzaz is not a ‘dracula’: Nisar
-
Talal asks PTI to avoid making parliament D-Chowk
-
سبا اسپورٹس اینڈ انٹرٹینمنٹ آفیشل ایپ
-
آن لائن سرکاری تفریحی ویب سائٹ اور ڈیٹا بیس کا جدید نظام
-
فارچیون ٹائیگر آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
FTG کارڈ گیم: ایماندار بیٹنگ کا بہترین پلیٹ فارم
-
جی زیانگ لونگھو اور کریڈیبلٹی انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم کی منفرد شراکت
-
لکی کیٹ آفیشل ڈاؤن لوڈ پورٹل: محفوظ اور تیز ترین طریقہ