اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ براڊ شيٽ جي معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو، پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز 2013ع تحت علي مهدي جي پاڪستان ڊيولپمينٽ فنڊ لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرري، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي انتظام هيٺ سمورن درجن جي نوڪرين تي پاڪستان ايسينشنل سروسز (مينٽيننس) ايڪٽ 1952ع لاڳو ڪرڻ ۾ 6 مهينن تائين جي واڌ، پاور ڊويزن تحت جوڙيل ڪور ڪميٽي جي ميمبرن کي رينٽل پاور پر??جيڪٽ ۾ جاچ جي روشني ۾ ملڪ کي ??ڏي مالي نقصان کان بچائڻ جي حوالي سان خدمتن تي مالي ايوارڊ ڏيڻ، سامونڊي معاملن اري وزارت تحت ڪراچي ڊوڪ ليبر بورڊ جي ميمبرن جي نامزدگي، نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت کي صحت سهولت پروگرام جي ڊيٽا تصديق جي ڏس ۾ نادرا سان سڌوسنئون 5 سالا معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. منصوبابندي واري وزير ڪابينا کي ڳڻپ واري وفاقي اداري پاران تازو ئي ڪيل سروي جي بنياد تي ڪورونا وبا جي اثرن جي نتيجن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اپريل ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ آبادي جي آمدني تقريبن ختم ٿي چڪي هئي. حڪومت جي دانشمنداڻي حڪمت عملي، مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارت لاڪ ڊائون جي پاليسي ۽ اڏاوتن ۽ مينوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ فيصلاسازي جي ڪري 2 ڪروڙ آبادي جي آمدني بحال ٿي. منصوبابندي واري وزير وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم جي وقت سر فيصلي جي ڪري ڪجهه مهينن جي عرصي ۾ اٽڪل 95 سيڪڙو ماڻهو جن جو روزگار ختم ٿي چڪو هو، بحال ٿيو. بعد ۾ ٽرانسپورٽ جو شعبو به کوليو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون دوران اٽڪل 80 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار ڪنسٽرڪشن، 72 سيڪڙو جو مينوفيڪچرنگ جڏهن ته 67 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار ٽرانسپورٽ جي شعبن سان واڳيل هو.
متعلقہ مضامین
-
لکی کاؤ آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ
-
Minister asks investors to help improve social conditions in Thar
-
Pakistan, Turkey making determined efforts to eliminate terrorism
-
Unidentified gunmen gun down three FC personnel
-
Malakand University students go on strike
-
France to investigate PK-661 black box
-
Engaging youth in Punjab: education and empowerment
-
28,038 enumerators, supervisors to perform Census duties in Sindh
-
آن لائن سرکاری تفریحی ویب سائٹ اور ڈیٹا بیس کا جدید نظام
-
ہیل فیور آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: آن لائن تفریح کا بہترین پلیٹ فارم
-
Kaihoo آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: آپ کی تفریح کی دنیا
-
Kaihoo آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: آپ کی تفریح کی دنیا