اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري ??انپوءِ ڳالهائيندي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن اڳ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. اتحادين وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اها خوش آئنده ڳالهه آهي. اتحادي پارٽيون ڪنهن به حڪومت جي تمام وڏي طاقت هونديون آهن. هن چيو ته اسان گلا شڪوا بند ڪمري ۾ ڪنداسين پر جڏهن به جمهوريت جي ڳالهه ايندي ته توهان اتحادي پارٽين کي پاڻ سان گڏ ڏسندا، وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن طرف ڌيان ڏنو وڃي، چونڊ، عدالتي، پوليس ۽ ايف بي آر سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن، وزيراعظم، مخالف ڌر اڳواڻ سميت سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن جي عزت ۽ توقير ڪئي وڃي ۽ پارليامينٽ کي قاعدن تحت هلايو وڃي ته جيئن هن اداري تي عوام جو اعتماد بحال ٿئي. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن جي اعلان کانپوءِ جيڪو ماحول پيدا ٿيو اسان چاهيو پئي ته اهي اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ مڪينزم ان حوالي سان اختيار ڪيو وڃي ها ته اسان کي عدالتن جو رخ نه ڪرڻو پوي ها نه ئي اها صورتحال درپيش ٿئي ها. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ شفافيت کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي. ميثاق جمهوريت جي اها ئي گهرج هئي ته شفاف چونڊن جي حوالي سان بل پارليامينٽ مان منظور ٿئي ها.
متعلقہ مضامین
-
Enmity claims two lives in Lakki Marwat
-
Sindh govt announces interest free loan for poor women
-
India disturbing peace of region: Rasheed
-
Im innocent until proven guilty
-
Nisar urges action for Pakistani woman facing Indian imprisonment
-
لکی ریبٹ آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کے ذریعے محفوظ اور تیز ڈاؤن لوڈ
-
جی زیانگ لونگھو اور کریڈیبلٹی انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم کی منفرد شراکت
-
HB الیکٹرانکس کی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات
-
Esme Electronic Official Game Platform Download Guide
-
Mahjong Road سرکاری ڈاؤن لوڈ انٹری اور مکمل تفصیلات
-
Gold Blitz APP گیمنگ پلیٹ فارم کا نیا تجربہ
-
پی ٹی الیکٹرانک ایپ تفریحی ویب سائٹ کا جدید پلیٹ فارم