اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آبادگارن ??ي جديد زرعي اوزارن، معياري ٻج ۽ ڀاڻ تي سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي، آبادگار ڪارڊ جي ڪري سبسڊي جو اصل فائدو آبادگارن کي ملڻ گهرجي، آبادگارن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قانون ٺاهيا وڃن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن زراعت خاص طور تي ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيان ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي، حڪومت آبادگارن ??ي جديد زرعي اوزارن، معياري ٻج ۽ ڀاڻ تي سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي، آبادگار ڪارڊ جي ڪري سبسڊي جو اصل فائدو آبادگار کي ملڻ گهرجي، آبادگارن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قانون ٺاهيا وڃن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ڪپهه جي معياري ٻج جي پيداوار ??ي جلد ممڪن بڻائڻ جي لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پاڪستان ڪاٽن اٿارٽي قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته اٿارٽي معياري ٻج جي فراهمي، مانيٽرنگ ۽ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تحقيق ڪندي. اجلاس ۾ ڪپهه پوکيندڙ آبادگارن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قانون ٺاهڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت 4.17 ملين ٽن ڪمند جو اسٽاڪ موجود آهي، ڀاڻ تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي 15.5 ارب رپيا ابسڊي ڏئي رهيون آهن. وزيراعظم جي هدايتن موجب فارمر فورم قائم ڪيو ويو آهي جنهن جي صدارت غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير ڪري رهيو آهي، ان فورم جو مقصد پاليسي معاملن ۾ آبادگارن جي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن جا مسئلا جلد حل ڪرڻ آهي. وزيراعظم قومي ڪپهه ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي منظوري پڻ ڏني. وزيراعظم صنعت واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ ڊي اي پي ڀاڻ جي مقامي پيداوار جي لاءِ پلانٽس لڳائڻ جي لاءِ فزيبلٽي جوڙي وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Enmity claims two lives in Lakki Marwat
-
Sindh govt announces interest free loan for poor women
-
India disturbing peace of region: Rasheed
-
Im innocent until proven guilty
-
Nisar urges action for Pakistani woman facing Indian imprisonment
-
لکی ریبٹ آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کے ذریعے محفوظ اور تیز ڈاؤن لوڈ
-
جی زیانگ لونگھو اور کریڈیبلٹی انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم کی منفرد شراکت
-
HB الیکٹرانکس کی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات
-
Esme Electronic Official Game Platform Download Guide
-
Mahjong Road سرکاری ڈاؤن لوڈ انٹری اور مکمل تفصیلات
-
Gold Blitz APP گیمنگ پلیٹ فارم کا نیا تجربہ
-
پی ٹی الیکٹرانک ایپ تفریحی ویب سائٹ کا جدید پلیٹ فارم