اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته فوج، عدليه ۽ ٻين اهم رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف آهي، ان جي ه?? گز اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چئن سالن جي حڪومت جي دور ۾ جعلي ٽوئيٽر هينڊلرز، يوٽيوبرز ۽ بلاگزر جي ذريعي رياستي ادارن جي خلاف هڪ منظم مهم هلائي وئي جنهن جا تفصيل جلد ئي ايوان ۾ پيش ڪنداسين. قومي اسيمبلي ۾ طاهره اورنگزيب جي سوال جي جواب ?? اطلاعات ۽ نشريات وري وزير مريم اورنگزيب چيو ته 2004ع کان بجلي جي بلن ۾ پي ٽي وي لائسنس فيس وصول ڪئي پئي وڃي، اهو سڄو عمل وڏي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو ويندو آهي، پيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ 18 -2017ع کان 22 -2021ع گذريل 5 سالن دوران مجموعي طور تي 5 ارب 94 ڪروڙ 35 لک 39 هزار 147 روپيا بجلي جي بلن جي ذريعي ٽي وي لائسنس فيس جي مُد ۾ وصول ڪيا ويا، هڪ ٻي سوال جي جواب ?? اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته جڏهن به اخلاقيات جي ابتڙ ڪو اشتهار هلندو ??هي ته پيمرا سيڪشن 27 تحت نوٽيس وٺندي آهي، اهڙن اشتهارن تي ڏنڊ وڌو ويندو ??هي ۽ بند ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن ايڊٽ ڪري درست ٿي سگهي ٿو ته ايئن به ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اطلاعات واري وزارت جي ڪنهن به اداري ۾ قاعدن جي ابتڙ ڀرتيون ٿيون آهن ته اسان ايندي ئي ايڪشن کنيو آهي، اسان اهڙن ماڻهن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي وي ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن، اهڙي طرح جي ڀرتين سان ادارا تباهه ٿي ويندا آهن، هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ماتحت ٻين ادارن ۾ جتي به اهڙي قاعدي جي خلاف ڀرتيون ٿيون آهن اسان ڪميٽي ٺاهي ان جو نوٽيس ورتو آهي، نور عالم خان جي سوال جي جواب ?? اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستاني فوج، عدليه ۽ ٻين اهم رياستي آئيني ادارن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف قدم آهن، ان جي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پي ٽي اي سائبر ونگ 2016ع، ايف آءِ اي سائبر ونگ پيڪا کي ڊيل ڪندو آهي، اطلاعات واري وزارت ۾ پيمرا ريگوليٽ ڪندي آهي، پيمرا پهرين وارننگ ڏيندي ??هي پوءِ به جيڪڏهن ڄاڻايل چئنل خلاف ورزي جو مرتڪب ٿيندو ??هي ته پيمرا پنهنجي قانون تحت ڏنڊ وجهڻ يا چئنل بند ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ٽوئيٽر جي ذريعي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذريعي ادارن کي نشانو بڻايو ويو، چئن سالن تائين جعلي ٽوئيٽرز اڪائونٽس، يوٽيوب ۽ بلاگرز جي ذريعي رياستي ادارن جي خلاف مهم هلائي وئي جلد ئي ان جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪنداسين.
متعلقہ مضامین
-
Enmity claims two lives in Lakki Marwat
-
Sindh govt announces interest free loan for poor women
-
India disturbing peace of region: Rasheed
-
Im innocent until proven guilty
-
Nisar urges action for Pakistani woman facing Indian imprisonment
-
لکی ریبٹ آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کے ذریعے محفوظ اور تیز ڈاؤن لوڈ
-
جی زیانگ لونگھو اور کریڈیبلٹی انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم کی منفرد شراکت
-
HB الیکٹرانکس کی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات
-
Esme Electronic Official Game Platform Download Guide
-
Mahjong Road سرکاری ڈاؤن لوڈ انٹری اور مکمل تفصیلات
-
Gold Blitz APP گیمنگ پلیٹ فارم کا نیا تجربہ
-
پی ٹی الیکٹرانک ایپ تفریحی ویب سائٹ کا جدید پلیٹ فارم