ڪراچي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پي??لز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا ۾ پوليو ٽ??من تي حملن جي مذمت ڪندي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان پي??لزپارٽي جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اپر او??ڪزئي ۽ اتر وزيرستان ۾ پوليو ٽ??من جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن تي حملو کليل دهشتگردي آهي. هن چيو ته شهيد اهلڪار قوم جا هيرو آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خيبر پختونخوا حڪومت پوليو ٽ??من جي سيڪيورٽي ۽ مهم جي ڪاميابي کي يقيني بڻائي، پوليو فري پاڪستان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خو??ب هو، اسان ان خواب کي حقيقت بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.
مضمون کا ماخذ : راکی